ڪيپٽن عاصم قتل ڪيس ۾ جوابدار 14 ڏينهن لاءِ جيل حوالي

ڪيپٽن عاصم قتل ڪيس ۾ جوابدار 14 ڏينهن لاءِ جيل حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت گروپ ڪپٽن عاصم طارق شهيد جي قتل جي ڪيس ۾ گرفتار ملزم کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ 14 ڏينهن جي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.عدالت ۾ ٻڌڻي انسداد دهشتگردي عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين ڪئي، جنهن جو لکيل حڪم نامو پڻ جاري ڪيو ويو. حڪم نامي موجب ملزم کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو ۽ تحقيقاتي آفيسر طرفان سندس سڃاڻپ پريڊ لاءِ 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ جي درخواست ڪئي وئي هئي. عدالت چيو ته دستياب رڪارڊ مطابق ملزم تي سنگين ڏوهه جو الزام آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هٿياربند فوج جي هڪ اهلڪار جي شهادت ٿي.عدالت ملزم کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ جيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سڃاڻپ پريڊ مڪمل ٿيڻ تائين ملزم جو سر، چهرو ۽ حليو تبديل نه ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ سندس سڃاڻپ لڪائڻ جا سمورا قدم روڪيا وڃن.