ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد حسنين ساريو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

ڊسمبر 11, 2023

ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد حسنين ساريو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو، حسنين ساريو کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال مان ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچيءَ جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، حسنين ساريو جي والد نثار احمد ساريو جو چوڻ آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج ۾ منهنجي پٽ جي طبيعت خراب ٿي پئي هئي، ڪاليج انتظاميا پاران علاج لاءِ بر وقت موڪل نه ڏيڻ سبب حسنين جو آنڊو ڦاٽي پيو هو، حسنين ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ اڄ صبح 4 وڳي دم ڏنو، وارث نوجوان جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي روانا

Leave A Comment