ڪيڪ تان جهيڙو: عورت 25 سالن جي پراڻي شادي ختم ڪري ڇڏي

ڪيڪ تان جهيڙو: عورت 25 سالن جي پراڻي شادي ختم ڪري ڇڏي

نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) ڪيڪ تان جهيڙي تي عورت 25 سال پراڻي شادي ختم ڪري ڇڏي. آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ 46 ورهين جي نتاليا بينڪوئٽ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ  اسٽوري شيئر ڪئي، جيڪا وائرل ٿي وئي.عورت چيو ته منهنجي 48 ورهين جي مڙس شادي جي 25هين سالگرهه جي موقعي تي مون کي حيران ڪري ڇڏيو، اسان گهڻو وڙهندا هئاسين ۽ ٽن مهينن کان ڌار ڌار سمهندا هئاسين.عورت موجب مان اميد ظاهر ڪئي ته شادي جي سالگرهه اسان جي رشتي کي ٻيهر جيئرو ڪرڻ جو موقعو ثابت ٿيندي، مان نوٽ ڪيو هو ته حالتون بهتر ٿي رهيون هيون، اسان ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو هو.هن لکيو ته مان چيز ڪيڪ آرڊر ڪيو ۽ اسان رات جي ماني کانپوءِ ڪيڪ کائي سمهي پياسين، صبح جو مان اٿيس ۽ فرج ۾ رکيل ڪيڪ جو ٽڪرو کائڻ ويس ته اهو نه هو، مڙس چيو ته رات دير سان مون کي بک لڳي ۽ مان اهو ٽڪرو کائي ڇڏيو.عورت لکيو ته مان ان شخص سان ورهيه گذاريا، خاندان جي سار سنڀال ڪئي، ٻار جي پرورش ڪئي، گهر جا ڪم ڪار ڪيا ۽ پنهنجي سالگرهه جو ڪيڪ به نٿي کائي سگهان.هن چيو ته مان اهڙي شخص جي حقدار آهيان، جيڪو نه رڳو منهنجو ڪيڪ نه کائي پر منهنجي حفاظت ڪري ۽ ڪنهن ٻئي کي به منهنجو ڪيڪ کائڻ کان روڪي، تنهن ڪري مان 25 ورهين جي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.