| ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف خلاف متحده ايم پي اي جي پٽيشن رد |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده جي ايم پي اي عامر صديقي پاران نيپرا جي ايس آر او خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته درخواستگذار ٽيرف تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪرائي هئي، نيپرا وقت گذرڻ سبب درخواست رد ڪئي هئي، ٽربيونل ۾ اپيل جو مدو به ختم ٿي چڪو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته نيپرا جي فيصلي جي روشني ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو موقف درست معلوم ٿئي ٿو، عدالت جي راءِ ۾ ٽيرف جي تعين جي اختيار ۾ رٽ دائري اختيار کي مداخلت لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.