ڪي ايس ايل ۾کاڻوٺ لورس ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي

ڪي ايس ايل ۾کاڻوٺ لورس ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي

کاڻوٺ (رپورٽ: علي صابر عمراڻي) کاڻوٺ سپر ليگ ۾ کاڻوٺ لورس جي شاندار ڪاميابي، ڊي بلوچ ٽورنامينٽ مان ٻاهر. ڊي بلوچ جي ڪپتان رزاق ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. کاڻوٺ لورس طرفان اوپنر انور ۽ حسن جلالي جارحاڻي بيٽنگ ڪئي. پهرين ئي اوور ۾ حسن بالر نادر پٺاڻ جي 4 بالن تي 23 رنسون ٺاهيون پر پنجين بال تي آئوٽ ٿي ويو. ون ڊائون آدم رڳو 1 رن ٺاهي سگهيو. انور 28 ۽ ابرار 22 رنسون ٺاهيون. لورس جي پوري ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 122 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڊي بلوچ طرفان روشن رند 3 ۽ هاشم 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ڊي بلوچ طرفان نادر پٺاڻ ۽ امجد کوسو اوپننگ ڪئي. پهرئين اوور جي ٽين بال تي حسن نادر پٺاڻ کي ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيو. ڊي بلوچ جي ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ رڳو 64 رنسون ٺاهي سگهي. ناصر 19 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو. کاڻوٺ لورس طرفان بالنگ ۾ باسط ۽ شعبان ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. هن فتح سان لورس ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وئي مئچ جو هيرو باسط قرار ڏنو ويو، جنهن بيٽنگ ۾ 17 رنسون ٺاهيون ۽ بالنگ ۾ ٻه اوور ڪرائي 13 رنسون ڏئي 2 اهم وڪيٽون ورتيون.