ڪي ايس ايل ۾ امتياز کوسو جي سينچري، سنڌڙي اليون فاتح

ڪي ايس ايل ۾ امتياز کوسو جي سينچري، سنڌڙي اليون فاتح

کاڻوٺ (رپورٽ: علي صابر) کاڻوٺ سپر ليگ سيزن 11 جي ڇهين مقابلي ۾ سنڌڙي اليون اوپنر امتيار کوسو شاندار سينچري جي مدد سان ميچ کٽي ورتي.  ٽاس شاهين اليون جي ڪپتان يوسف کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. اوپنر ڪاشف ۽ واجد سٺي شروعات فراهم ڪئي، خاص ڪري ڪاشف جارحاڻي بيٽنگ ڪندي صرف 4 اوورن ۾ اسڪور 67 رنسن تائين پهچائي ڇڏيو. ڪاشف 42 رنسون، واجد 32 ۽ ڪپتان يوسف 33 رنسن جي مدد سان شاهين اليون مقرر 10 اوورن ۾ 147 رنسون ٺاهيون. سنڌڙي اليون جيامتياز 3 ۽ سمير 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ امتياز ۽ سمير شاندار آغاز ڪيو. امتياز 14 ڇڪن جي مدد سان شاندار 110 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگ کيڏي ۽ هن سيزن جي پهرين سنچري مڪمل ڪئي سنڌڙي اليون مقرر ٽارگيٽ 5.8 اوورن ۾ با آساني چيز ڪري ورتو. شاهين اليون جيسمير ملاح 3 ۽ واجد هڪ وڪيٽ ورتي. ميچ کان پوءِ ڪرائوڊ امتياز تي انعامن جي برسات ڪري ڇڏي، جڏهن ته مين آف دي ميچ ايوارڊ امتياز کوسو کي ڏنو ويو، جيڪو کيس جمشيد دائيداڻو پاران پيش ڪيو ويو