| ڪي ايس ايل ۾ هڪ طرفو مقابلو، سنڌڙي اليون آساني سان کٽي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي |
کاڻوٺ (رپورٽ: علي صابر عمراڻي) کاڻوٺ سپر ليگ سيزن 11 سنڌڙي اليون ۽ شهيد عابد اليون وچ ۾ کيڏيل ميچ سنڌڙي اليون کٽي ورتي. ميچ ۾ سنڌڙي اليون جي ڪپتان سمير دائيداڻو ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. شهيد عابد اليون جي پوري ٽيم صرف 56 رنس تي آئوٽ ٿي وئي. سنڌڙي اليون جي بيٽسمينن انتهائي جارحاڻي بيٽنگ ڪندي صرف ٽِن اوورن اندر ئي مقرر هدف حاصل ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. هن ڪاميابي سان سنڌڙي اليون نه رڳو ميچ کٽي ورتي پر ڪوارٽر فائينل لاءِ به ڪواليفاءِ ڪري وئي. ميچ دوران ميدان جو ماحول ان وقت وڌيڪ گرم ٿي ويو جڏهن سنڌڙي اليون جي ماکا کوسو ۽ شهيد عابد اليون جي سيف الله گهنٽا وچ ۾ چئلينج ڪرڻ جو سلسلو هليو، جنهن سبب تماشائين کي مزو آيو. شاندار ڪارڪردگي تي سنڌڙي اليون جي ڪپتان سمير دائيداڻو کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو. کيس وڏيري شاهنواز ونڊيار ٽرافي ۽ ڪيش پرائز ڏنو.