ڪي ايس ايل ۾ ڇڪن چوڪن جو مينهن، پرنس اليون ڪامياب

ڪي ايس ايل ۾ ڇڪن چوڪن جو مينهن، پرنس اليون ڪامياب

کاڻوٺ (رپورٽ: علي صابر عمراڻي) کاڻوٺ سپر ليگ سيزن 11 جو وڏو مقابلو  شهباز ڇڇر ون مين آرمي بڻجي پرنس اليون کي شاندار فتح ڏياري ڇڏي. کاڻوٺ سپر ليگ سيزن 11 جي اهم ۽ دلچسپ مقابلي ۾ العباس اليون کاڻوٺ ۽ پرنس اليون آمهون سامهون ٿيون، جتي شاندار بيٽنگ، ڊراپ ڪئچ، دٻاءُ ۽ آخر ۾ شهباز ڇڇر جي طوفاني اننگز ميچ جو رخ بدلائي ڇڏيو. ٻنهي ٽيمون گڏيل طور تي وڏي فين فالوئنگ رکندڙ آهن، جنهن سبب ميدان ۾ تماشائين جو وڏو ميڙ پڻ موجود هو. ٽاس العباس اليون کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پهرين ميچ جو سينچري ميڪر صدام پيرزادو ۽ اوپنر هالار ملاح اننگز جي شروعات ڪئي شروعاتي اوور ۾ صدام جو آسان ڪئچ ڊراپ ٿيو پر پوءِ به 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. هالار ملاح پڻ 19 رنسون ٺاهي پويلين ڏانهن واپس موٽيو، مڊل آرڊر به ناڪام ويو العباس اليون مقرر 10 اوورن ۾ 117 رنسون ٺاهي سگهي. 118 رنسن جي تعاقب دوران شهباز ڇڇر جارحاڻي راند ڪندي هر طرف بائونڊريون لڳايون ۽ ميدان ۾ موجود تماشائين کي مسلسل جوش ڏياريندو رهيو سندس بيٽ مان 11 وڏا ڇڪا نڪتا. 88 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز ٽيم کي آخري اوور ۾ فتح ڏياري. ڪپتان  شاهنواز 12 ۽ عرفان 10 رنسن سان شهباز کي ڀرپور سهارو فراهم ڪيو. شهباز ڇڇر کي مين آف دي ميچ قرار ڏئي کيس ٽرافي ۽ ڪيش انعام  سجاد علي شاهه پاران پيش ڪيو ويو.