| ڪي ايم سي اجلاس ۾ هنگامو: ميمبر هٿين پئجي ويا: ڪرسين جو وسڪارو: بائيڪاٽ |
ڪراچي(رپورٽ: ا لطاف چنا) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ڪائونسل اجلاس ۾ هنگامو: ميمبر هٿين پئجي ويا: لتن مڪن ۽ ڪرسين جو وسڪارو: اپوزيشن جو بائڪاٽ، ان ڏس ۾ ڪي ايم سي سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي جنگ مڙهڻ جي مذمت ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي بهترين سفارتڪاري تي کين خراج تحسين پيش ڪيو ويو، جلاس ۾ حڪومتي ڌر جي ميمبرن پاران مختلف قراردادون پيش ڪرڻ تي حڪمران ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي، انهي دوران ميئر خلاف نعرا لڳايا ويا، مڇريل ميمبر ڪرسين تان اٿي هڪٻئي سان هٿين پئجي ويا، جنهن ڪري ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، ميئر ڪائونسل ميمرن کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ رولنگ ڏيندو رهيو پر سندس ڪنهن به هڪ نه ٻڌي، جهيڙي دوران اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر ڪرم الله وقاصي جي درخواست تي اپوزيشن ميمبر ٻيهر ايوان ۾ آيا، اپوزيشن جي واڪ آئوٽ دوران حڪومتي ڌر 13 قراردادون منظور ڪري ورتيون، جن ۾ وجيلنس اسڪارڊ لاءِ 20 اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن جي خريداري، اسپتالن ۾ ٽريننگ ڪندڙ ڊاڪٽرن لاءِ وظيفا وڌائڻ، بولٽن مارڪيٽ ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي بحالي، ٽرم ڊپازٽ ۾ سيڙپڪاري ، ٽيڪنيڪل سروسز ۾مقرري ، صحت انشورنس پاليسي، ليبارٽري ٽيسٽ چارجز، ميڊيا شعبي جو نالو تبديل ڪرڻ شامل آهن. جنهن بعد اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.هوڏانهن ميئر مرتضيٰ وهاب اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سٽي ڪائونسل ۾ هنگامي جي ذميوار جماعت اسلامي آهي، اهي هر ڀيري ڪنهن حڪمت عملي هيٺ اچي ايوان جو پرامن ماحول خراب ڪندا آهن، اهي پيپلزپارٽي جي ترقياتي ڪمن تي پنهنجون تختيون لڳائي ظاهر ڪن ٿا ته اهي سڀ ڪم جماعت اسلامي ڪرايا آهن، آئون هميشه چوندو آهيان ته منافق پاڻ ته ڪم ناهن ڪندا پر ٻين جو ڪم پنهنجي کاتي ۾ وجهندا آهن ، هن چيو ته مخالف ٻڌي ڇڏين، آئون به مرتضيٰ وهاب صديقي آهيان، منافقت جي سياست نه هلڻ ڏيندس، هن چيو ته رڪشائن تي بينر هڻڻ سان رڪشا اندر ويٺل ماڻهو جي دل ۾ جاءَ ٺاهي نٿي سگهجي، انهي لاءِ عوام جي خدمت ڪرڻي پونديٻئي پاسي ڪي ايم سي ۾ جماعت سان لاڳاپيل مخالف ڌر جي اڳواڻ سيف الدين ايڊووڪيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميئر ايوان جو تقدس پائمال ڪندڙ جيالن خلاف ڪارروائي ڪري، جن پرامن ماحول کي خراب ڪري ايوان مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي جو قابض ميئر هر اجلاس م من پسند قراردادون پاس ڪرائڻ ۾ ماهر آهي، هن چيو ته ميئر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ هرصورت ۾ آندي ويندي، اتحادين سان رابطا جاري آهن