| ڪي ايم سي فنڊز ۾ 80 ڪروڙن جون گهوٻيون: اڳوڻي ڊي جي سوڌو 4 عملدارن تي فرد جرم لاڳو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ڪي ايم سي فنڊز ۾ 80 ڪروڙن جي گهوٻين، جعلسازي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري ڪيس ۾ ڪي ايم سي جي آفيسرن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي, ڪيس ۾ نامزد ڪي ايم سي جي اڳوڻي ڊي جي (ٽيڪنيڪل سروس) شبيهه الحسنين، اڳوڻي ڊائريڪٽر پارڪس توقير عباس, اڳوڻي ڊائريڪٽر فنانس ۽ پلاننگ نازش رضا، سپرنٽينڊنگ انجنيئر صمد جلباڻي ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت سمورن آفيسرن ۽ شاهدن کي 19 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار ضياءِ السلام موجب شهيد ملت روڊ، ميوا شاهه قبرستان روڊ، سي پي او ويجهو ممتاز روڊ ۽ ٻين ترقياتي منصوبن ۾ 80 ڪروڙن جون گهوٻيون هنيون ويون آهن، جاچ آفيسر عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته جوابدارن جعلي ٽينڊر جاري ڪري سيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪئي وئي، پي سي ون ۽ آفر ريٽ ۾ غير قانوني ترميمون ڪيون ويون، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي من پسند ٺيڪيدارن کي واڌو اگهه تي ٺيڪا ڏنا ويا، جوابدارن جي اهڙي عمل سان ڪي ايم سي کي مالي نقصان ٿيو.