ڪي ايم سي فنڊز ۾ 80 ڪروڙن جي هيرا ڦيري: 6 ڪامورن جا وارنٽ  

ڪي ايم سي فنڊز ۾ 80 ڪروڙن جي هيرا ڦيري: 6 ڪامورن جا وارنٽ  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ڪي ايم سي فنڊز ۾ 80 ڪروڙن جي هيرا ڦيري ۽ من پسندن کي ٺيڪا ڏيڻ واري ڪيس ۾ 6  آفيسرن جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جن  ۾ اڳوڻو ڊي جي (ٽيڪنيڪل سروس) شبيه الحسن، اڳوڻو ڊائريڪٽر پارڪس نازش رضا، اڳوڻو فنانس ڊائريڪٽر، سپرنٽينڊنگ انجنيئر ۽ ٻيا آفيسر شامل آهن, عدالت جوابدارن کي 11 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن جعلي ٽينڊر جاري ڪيا، سيپرا رولز جي خلاف ورزي به ڪئي، پي سي ون ۽ آفر ريٽ ۾ غير قانوني تبديليون ڪيون ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏنا.