ڪي ايم سي پاران ڪاٽن ايڪسچينج جي مالڪي جي دعويٰ

ڪي ايم سي پاران ڪاٽن ايڪسچينج جي مالڪي جي دعويٰ

ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ايف آءِ اي سنڌ جي ڊائريڪٽر کي خط لکي ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج بابت اويڪيو ٽرسٽ  جي ملڪيت واري دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو. ميئر خط ۾ واضح ڪيو آهي ته اي ٽي پي بي پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ ڪو به ثبوت يا قانوني دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڪي ايم سي ۽ روينيو رڪارڊ موجب اها ملڪيت سال 1936ع ۾ ڪي ايم سي کي منتقل ڪئي وئي هئي، جيڪا ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج کي 99 سالن لاءِ ليز تي ڏني وئي. ميئر ڪراچي موجب اي ٽي پي بي جي ملڪيت بابت دعويٰ حقيقتن تي ٻڌل ناهي،اهو معاملو 2006ع کان ڪي ايم سي ۽ ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج ۾ هلي رهيو آهي. هن چيو ته ميئر طور ڪي ايم سي  جي ملڪيت جو تحفظ ڪرڻ سندس آئيني ۽ قانوني فرض آهي.