| ڪي ايم سي کي 6 ڪينٽونمينٽ بورڊ ايرياز مان ميونسپل ٽيڪس وصول نه ڪرڻ جو حڪم |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي کي 6 ڪينٽونمينٽ بورڊن جي علائقن مان ميونسپل ٽيڪس وصولي کان روڪي ڇڏيو، عدالت ڪينٽونمينٽ علائقن مان ميونسپل ٽيڪس وصولي کي ڪينٽونمينٽ بورڊن جو اختيار قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي بلن ذريعي ڪينٽونمينٽ علائقن مان ميونسپل ٽيڪس جي وصولي کي بند ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته ملير ڪينٽونمينٽ بورڊ اڳ ۾ ئي ڪنزروينسي ٽيڪس وصول ڪري رهيو آهي، ڪي ايم سي بجلي جي بلن ۾ ميونسپل چارجز به شامل ڪيا آهن، ٻه ادارا هڪ ئي وقت ميونسپل ٽيڪس وصول ڪري رهيا آهن، ڪي ايم سي ڪينٽونمينٽ علائقن مان ميونسپل ٽيڪس وصول نٿو ڪري سگهي، ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪي ايم سي کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري رهيو آهي، ڪينٽونمينٽ بورڊن کي ڪي ايم سي جي برابر ميونسپل ٽيڪس وصولي جو حڪم ڏنو وڃي.