ڪي اين شاهه جي ڪاڇي ۾ باهه، 4 گهر رک، 15 ٻڪريون سڙي ويون، لکن جو نقصان

ڪي اين شاهه جي ڪاڇي ۾ باهه، 4 گهر رک، 15 ٻڪريون سڙي ويون، لکن جو نقصان

خيرپور ناٿن شاهه(ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ڪاڇي جي علائقي سالاري ٿاڻي جي حد ۾ عرض محمد گاڏهي، شاهد حسين گاڏهي، صدام حسين گاڏهي ۽ غلام مصطفيٰ  گاڏهي جي گهرن کي چُلهھ جي چڻنگ مان باھه لڳي وئي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سميت الهھ تلهه سڙي رک ٿي ويومتاثر گهرن مان جانيون بچائي نڪتا، متاثر عرض محمد گاڏهي ميڊيا کي ٻڌايو ته صبح سويل گهرن ۾ هيا سين ته چُلهھ جي چڻنگ مان باھ لڳي اسان وسائڻ  جي ڪوشش ڪئي باھ تيز هجڻ ڪري ڪنٽرول نه ٿي سگهيو،گهرن ۾ پيل  ڇهھ لک روپيا ڪيش، اٺ لکن جي ماليت جو سون 15 ٻڪريون ۽ گهريلو سمورو سامان اناج سڙي رک جو ڍير ٿي ويو، اسان جي هن وقت تائين ڪنهن به واھر نه ڪئي آهي، کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون سندن جي ڪنهن واهر ناهي ڪئي، متاثرن جو احتجاج واهر ڪرڻ جو مطالبو،