| ڪي اين شاهه مان نوجوان گرفتار، وارث سراپا احتجاج، ٽائرن کي باهه، ڌرڻو، وني بيهوش |
خيرپور ناٿن شاھه(رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپور ناٿن شاھ جي ڪريم داد لنڊ سامھون انڊس ھاءِ وي تي ڪريم داد لنڊ جي رھواسي نديم جروار کي ڦر ۽ ٻين ڪيسن ۾ گھربل هجڻ جي الزام ۾ خيرپور ناٿن شاھ پوليس گرفتار ڪري ورتو ، واقعي خلاف وارث سراپا احتجاج بڻجي ويا، ارشاد جروار ، راجا جروار ، علي جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهري کانپوءِ ٽائرن کي باھ ڏئي چار ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ڪيو ويو. پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي سبب روڊ تي سوين گاڏيون بيهجي ويون، گرفتار ٿيل نديم جي وارثن جي چوڻ آهي ته پوليس اسان جي ھمراھ کي بيگناھ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، جيڪا وڏي ناانصافي ۽ ظلم آھي، ڌرڻي واري هنڌ تي خيرپورناٿن شاھ ايس ايڇ او اعجاز علي مان مسڻ پهچي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاء چيوته وارثن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جيسيتائين اسان جي ھمراھ کي نه ڇڏيو ويندو ۽ آزاد نه ڪيو ويو تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو پوءِ ڀلي سڄي رات گذري وڃي، جڏھن ته خيرپور ناٿن شاھ جي ايس ايڇ او واپس ھلي ويو ۽ ڌرڻو ڌرڻو چار ڪلاڪ تائين جاري رھيو. جڏهن ته گرفتار ٿيل نديم جي وني سخت گرمي سبب بيهوش ٿي وئي جنهن کي رڪشا ۾ کڻي تعلقا اسپتال پهچايو ويو ، چار ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ ٻيھر ڌرڻي واري هنڌ ايس ايڇ او خيرپور ناٿن شاھ اعجاز علي مسڻ پهچي وارثن سان ڳالھيون ڪيون ۽ چيوته اسين واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا توهان سان انصاف ڪيو ويندو ايس ايڇ او جي يقين ديھاني بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪيو ۽ روڊ کولرايو ويو.