| ڪي اين شاهه ويجهو عورت پراسرار نموني فوت، ڪپڙن تي رت، مڙس مٿان قتل جو شڪ |
خيرپورناٿن شاهه(ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ڪاڇي واري علائقي ميان نصير محمد ڪلهوڙو پوليس اسٽيشن جي حد ٽوڙ لڳ احمد کوکر جي بُور ڀرسان ديدار الاکاڻي جي زال 25 ورهين جي مسمات ثمينه پراسرار نموني گهر ۾ فوت ٿي وئي ، فوتي عورت جي والد محمد سومر آلکاڻي پاران ڌي ثمينه کي سندس مڙس ديدار آلکاڻي تي مارڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي عورت جو لاش ڪاڇي واري علائقي مان والد ۽ پوليس تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاه کڻائي پهتي ، جتي ليڊي ڊاڪٽر عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود مسمات ثمينه جي والد محمد سومر آلکاڻي ميڊيا اڳيان دانهيو ته منهنجي ڌي ديدار آلکاڻي کي ڏنل هئي چار سال اڳ ان منهنجي ڌي سان شادي ڪئي هئي جنهن کي اولاد نه ٿيو، ديدار آلاکاڻي وارن اسان کي فون تي اطلاع ڏنو ته تنهنجي ڌي ثمينه گهر ۾ فوت ٿي وئي آهي اسان اتي پهتا سين ته ڌي جو لاش گهر ۾ پيل هيو ان جي ڪپڙن کي ٿورو رت لڳل هيو رت ڏسي اسان کي شڪ ٿيو ته ڌي کي تشدد ڪري ماريو ويو آهي اسان ميان نصير محمد ڪلهوڙو پوليس اسٽيشن کي واقعي بابت اطلاع ڏنو لاش کڻائي اسپتال آيا آهيون مونکي شڪ آهي ڌي تي تشدد ڪري ان کي مڙس ماريو آهي ڌي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي وڌيڪ پوليس جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪري ڌي منهنجي ٺيڪ هئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، اسپتال ۾ موجود ايس ايڇ او ميان نصير محمد ڪلهوڙو پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او عبدالغفار پنهور ٻڌايو ته عورت جي والد اسان کي اطلاع ڏنو ته ڌي کي ماريو ويو آهي اسان لاش پوسٽ لاء کڻائي آيا آهيون واقعي بابت جاچ ڪري رهيا ابتدائي جاچ ڪئي آهي موت جي خبر پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ خبر پوندي.