| ڪي اين شاهه ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، مال چاريندڙ نوجوان قتل |
خيرپور ناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاه جي ماڏو ٿاڻي جي حد ۾ موري جي کوهه جو رهواسي مال چاريندڙ نوجوان 30 ورهين جي گلزار ولد احمد فتولاڻي چانڊيو مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال خيرپور ناٿن شاه منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، واقعي خلاف وارث عورتون سراپا احتجاج بڻجي ويون، پار ڪڍي روئيندي رهيون، صدمي ۾ امڙ بيحال ٿي وئي، مقتول جي ماءُ رشيده ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پراڻي دشمني هلندڙ هئي، جوابدارن بيگناهه پٽ کي قتل ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هن وڌيڪ چيو ته مقتول منهنجو اڪيلو پٽ هو مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ٻئي طرف واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ٿي سگهيو آهي. ٻئي طرف ڊي ايس پي خيرپور ناٿن شاھ عبدالحق قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ظفرو فتولاڻي چانڊيو پنهنجي زال سان ناجائز لاڳاپا ڏسي پنھجي سڳي ڀاءُ گلاب چانڊيو کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آھي جنھن جي وڌيڪ جانچ ڪيون پيا ھن وڌيڪ چيوته ظفرو چانڊيو ڪيترن ئي ڪيترن ڏوھن ملوث آهي جنھن جلد گرفتار ڪيو ويندو.