| ڪي اين شاهه ويجهو ڄڃ سان حادثو، دهل وڄائيندڙ 2 مڱڻهار ڀائر فوت، 30 ڄاڃي زخمي |
خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ هديو کوسو جا رهواسي گل کوسو جي پٽ گهوٽ رمضان کوسو جي شادي جي ڄڃسان ڀريل ڪوسٽر دادو کان واپس ڳوٺ اچي رهيا هيا ته ڳوٺ لڌاڻ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي تيز رفتاري سبب ڪوسٽر ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ مردن سميت 30 کان وڌيڪ ڄاڃي سخت زخمي ٿي پيا ،حادثي کان پوءِ زخمين کي ايمبولينس رڪشائن ذريعي تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاه منتقل ڪيو ويو، جتي ڄڃ سان گڏ دهل شرنائي وڄائيندڙ ٻه مڱڻهار ڀائر فقير امانت عرف من فقير ۽ برڪت مڱڻهار ٻي پٽ غلام علي مڱڻهار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته زخمين ۾ گهوٽ رمضان کوسو شاهدان، امام زادي، ريشما،مومل زينت، سارا، منڊم، منظور، برڪت، گلشير، بينظير، شاهد، پپن ۽ رمضان کوسو سميت 30 کان وڌيڪ ڄاڃين سخت زخمي ٿي پيا . ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي، جن مان 5 کان وڌيڪ زخمين کي لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ جي اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو آهي. تعلقا اسپتال ۾ ايمرجنسي هجڻ باوجود به ڊاڪٽرن عملي ۽ سهولتن جي گهٽتائي کوٽ ، ايمرجنسي سهولتن جي کوٽ ۽ ناڪافي طبي عملي سبب زخمين جا وارث دانهون ڪندا رهيا. گهوٽ جو والد رمضان کوسو ۽ ٻيا زخمين جا وارثن جو چوڻ هو ته شادي جا سهرا خوشين مان غم ۾ تبديل ٿي ويا، اسپتال ۾ نه دوائون هيون ۽ نه ئي ڪافي ڊاڪٽر موجود هئا، جنهن ڪري کين سخت تڪليفون پيش آيون. اسپتال ۾ صرف ٻه ڊاڪٽر هيا عملو به نه هجڻ برابر هيو هڪ ڪلاڪ بعد ٻيا ڊاڪٽر ۽ ايم ايس سڪندر نائچ پاڻ پهتو ايمرجنسي وارڊ ۾ بيڊ گهٽ هجڻ سبب اڪثر زخمي تڙپندا دانهون ڪندا رهيا، هوڏانهن ٻن فوتي مڱڻهار فقير جا مڙه اباڻي ڳوٺ سفر لاکير منتقل ڪيا ويا جتي روڄ راڙو مچي ويو.