ڪي اين شاهه ۾ قتل ٿيل جو 6 ڄڻن تي ڪيس داخل، هڪ گرفتار، جڙيل شاهه جو ميلو ٻيهر شروع

ڪي اين شاهه ۾ قتل ٿيل جو 6 ڄڻن تي ڪيس داخل، هڪ گرفتار، جڙيل شاهه جو ميلو ٻيهر شروع

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو)  خيرپورناٿن شاهه  ۾  سيد جڙيل شاه جيلاني جي عرس ميلي ۾ ٽي ڏينهن اڳ ميجڪ شو مالڪ گهوٽڪي واسي منٺار علي مهر جي قتل جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ محمد مٺل ولد محمد آچر مھر جي فرياد تي خيرپورناٿن شاهه ٿاڻي تي پنج معلوم هڪ نامعلوم جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي جوابدار هر هڪ خالد جانوري ولد نامعلوم، بادل چانڊيو ولد نامعلوم، عادل جويو ولد نامعلوم، زبير شاه ولد امداد شاه، نواب علي شاه ولد ثابت شاه ۽ هڪ نامعلوم جوابدار ڪيس ۾ شامل آهن،  پوليس هڪ جوابدار نواب علي شاه گرفتار ڪري ورتو، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پوليس کي جوابدار هٿ نه آيا، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ميهڙ ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا پر جوابدار هٿ اچي نه سگهيا، گرفتار جوابدار نواب علي شاه کي رمانڊ لاءِ اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻي طرف سيد جڙيل شاه جيلاني جو ميلو ٻه ڏينهن بند ٿيڻ کانپوءِ اڄ اڱاري ڏينهن ٻيهر شروع ٿي ويو، هزارين ميلي جا شوقين پانڌيئڙا ميلي ۾ پهچي ويا خيرپورناٿن شاه جي سڄاڻ ڌرين پوليس انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ميلا سنڌ جي ثقافت آهن انهن کي ثقافتي انداز ۾ هلائي سيڪيورٽي سخت ڪري ميلي ۾ منشيات جي وڪري ۽ واهپي سميت هٿيارن جي نمائش تي مڪمل پاپندي سان عمل ڪرايو وڃي،  جيئن وڌيڪ جاني نقصان نه ٿي سگهي.