ڪي فور پاور منصوبي لاءِ 13.9 ارب گرانٽ منظور: ڪراچي ميوزم ٺهندو

ڪي فور پاور منصوبي لاءِ 13.9 ارب گرانٽ منظور: ڪراچي ميوزم ٺهندو

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي شهر سان لاڳاپيل مختلف منصوبن جي به منظوري ڏني وئي،  سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي ۾ جديد اسٽيڊيم جي تعمير لاءِ 100 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي، گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم (ڪي فور) جي پاور حصي لاءِ جامع مالي ۽ عملدرآمدي رٿا جي منظوري ڏني وئي،مالي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (ڪي ڊبليو ايس سي)  لاءِ قرضي ماڊل کي گرانٽ اِن ايڊ ميڪينزم ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني. 13.9 ارب رپين جي گرانٽ پاور انفراسٽرڪچر لاءِ منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن، 26 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائين، 11 ڪي وي ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ ۽ 50 ميگاواٽ بجلي جي لوڊ لاءِ اسٽاف ڪالوني شامل آهي. موجوده مالي سال ۾ 3.47 ارب رپيا فيز ون لاءِ جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فيز ٽو لاءِ 10.43 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا. سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) پاور انفراسٽرڪچر جي ملڪيت، آپريشن ۽ سار سنڀال جي ذميواري سنڀاليندي، جڏهن ته ڪي ڊبليو ايس سي کي فوري طور فنڊ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. سنڌ حڪومت شروعاتي طور حيسڪو لاءِ هر مهيني اٽڪل هڪ ارب رپيا ۽ ايس ٽي ڊي سي لاءِ 74 ملين رپيا آپريشنل خرچن طور برداشت ڪندي. اهڙي ريت سواءِ لياري ۾ روڊن ۽ نيڪاليءَ واري نظام جي بحالي لاءِ 1.45 ارب رپيا پڻ منظور ڪيا ويا. جڏهن ته ڪابينا ثقافت کاتي، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سٽيزنز آرڪائيو آف پاڪستان (سي اي پي) جي وچ ۾ سھڪار جي منظوري ڏني، ته جيئن بيچ ويو ڀرسان هڪ جديد ترين ڪراچي ميوزيم قائم ڪيو وڃي، جنهن جي ترقيءَ لاءِ 655.9 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ڪراچي ميوزيم ۾ سنڌ جي 5000 ورھين جي تاريخ ۽ پاڪستان جي آزادي جا داستان ڏيکاريا ويندا. سنڌ ڪابينا ھاڪس بي ريزورٽ کي جديد ڪيپسول ريزورٽ ۾ اپ گريڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي،  ڪراچي ميوزيم جا انتظام پنجن سالن لاءِ سٽيزنز آرڪائيو آف پاڪستان (سي اي پي) سنڀاليندو، جنهن لاءِ سنڌ ڪابينا انتظامي خرچ طور 341.414 ملين رپيا منظور ڪيا. سنڌ ڪابينا ڪورنگيءَ ۾ 75 ايڪڙ تي قائم ٿيندڙ انڪلوزو سٽي پروجيڪٽ کي تيز ڪرڻ لاءِ هڪ خاص خريداري فريم ورڪ جي منظوري ڏني، جنهن جو مقصد اسپيشل پرسن لاءِ عالمي معيار جون سهولتون مهيا ڪرڻ آهي.