| ڪي پي ايل جي چوٿين ميچ: حضوري بادشاهه ڪامياب |
ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل ۾ پريميئرليگ سيزن ست ۾ چوٿون رائونڊ ڪولاب جيئل حضوري بادشاھ ۽ ڪولاب جيئل سڪسر جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو. حضوري بادشاھ ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي 9 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 124 رنسون ٺاھيون. سڪسر 6 وڪيٽن جي نقصان تي 111 رنسون ٺاھي سگھي. حضوري بادشاھ 13 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. مين آف دي ميچ آل رائونڊر ياسين وساڻ کي قرار ڏنو ويو جنھن 67 رنسون ٺاهيون ۽ 2 وڪيٽون ورتيون. خاص مھمانن ڪي پي ايل جي وائيس چيئرمين محمد سليم نوناري، ممتاز علي ابڙو ۽ بشارت ابڙو ڪيش انعام ڏنا.