| ڪي پي ايل: پنجون رائونڊ ڪولاب جيئل اسٽارز کٽي ورتو |
ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل پريميئرليگ سيزن ست مرحوم امتياز علي ابڙو جي ياد ۾ جاري، پنجون رائونڊ ڪولاب جيئل اسٽارز ۽ ڪولاب جيئل قلندر جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو ، اسٽارز ٽاس کٽي بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، قلندر پھريان بيٽنگ ڪندي 9 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 113 رنسون ٺاھيون، جواب ۾ ڪولاب جيئل اسٽارز 3 وڪيٽن جي نقصان تي مليل ھدف ستن اوورن ۾ پورو ڪيو، ڪولاب جيئل اسٽارز سوڀ ماڻي ورتي ، جڏھن ته مين آف دي ميچ ضعيم ورڪ کي قرار ڏنو ويو، جنھن بھترين بالنگ ڪري ٽن اوورن ۾ 17 رنسون ڏنيون ۽ ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، خاص مھمانن ڪي پي ايل جي چيئرمين عرفان علي ابڙو، عمران علي ابڙو، وحيد احمد ڪنڌر ۽ ٻين مين آف دي ميچ ۽ ڪيش انعام ڏنو،