| ڪي پي ايل ۾ هڪ ڏينهن ۾ 2 رائونڊ: ٻنهي ۾ ڪولاب جيئل سڪسر ڪامياب |
ڪولاب جيئل (رپورٽ: ساجد علي سومرو) ڪولاب جيئل پريميئرليگ سيزن ست جا اٺون ۽ نائون رائونڊ کيڏيا ويا ، اٺون رائونڊ ڪولاب جيئل سڪسر ۽ ڪولاب جيئل سلطان وچ ۾ کيڏيو ويو، جنھن ۾ سلطان ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 95 رنسون ٺاھيون. سڪسر بغير ڪنهن نقصان جي چئن اوورن ۾ مليل هدف پورو ڪيو. مين آف دي مئچ عامر ڪانھر کي قرار ڏنو ويو جنھن بھترين بيٽنگ ڪري 50 رنسون ٺاھيون. جڏھن ته نائون رائونڊ ڪولاب جيئل سڪسر ۽ ڪولاب جيئل ڪنگز ۾ کيڏيو ويو، سڪسر ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي 9 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاھيون جڏھن ته ڪنگز 154 رنسون ٺاھي سگھي، اھڙي ريت سڪسر ٻئي رائونڊ پنھنجي نالي ڪري ورتا. مين اف دي مئچ سڪسر جي رانديگر درشن لعل کي قرار ڏنو ويو جنھن بھترين بيٽنگ ڪري 63 رنسون ٺاھيون. ٻنھي رائونڊن جي خاص مھمان ارشاد علي ابڙو، مظھر گل ابڙو، شاھ زمان ابڙو ۽ غلام اصغر ابڙو مين آف دي مئچ ۽ ڪيش انعام ڏنا.