| ڪي پي ايل ۾ ٻه ميچون، قلندر ۽ سلطان ڪامياب |
ڪولاب جيئل (رپورٽ: ساجد علي سومرو) ڪولاب جيئل پريميئرليگ سيزن ست ۾ ڏھون ۽ يارھون رائونڊ کيڏيا ويا. ڏھون رائونڊ ڪولاب جيئل سڪسر ۽ ڪولاب جيئل قلندر جي وچ ۾ کيڏيو ويو. سڪسر ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 117 رنسون ٺاھيون. قلندر 6 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ مليل هدف پورو ڪري سوڀ ماڻي ورتي. مين آف دي مئچ شيراز چانڍيو 44 رنسون ٺاھيون. يارھون رائونڊ ڪولاب جيئل اسٽارز ۽ ڪولاب جيئل سطان ۾ کيڏيو ويو. اسٽارز ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 100 رنسون ٺاھيون. سلطان اٺين اوور ۾ هدف پورو ڪيو. سلطان جي رانديگر عمير کوسي 44 رنسون ٺاھيون. خاص مھمان ارشاد علي ابڙو، مظھر گل ابڙو، مير منھال ابڙو ۽ جنيد ابڙو انعام ڏنا.