ڪي پي جو عوام انهن کي جُوتا هڻندو: راڻا ثناءَ

  ڪي پي جو عوام انهن کي جُوتا هڻندو: راڻا ثناءَ

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته ڪي پي جو عوام انهن کي جُوتا هڻندو، پي ٽي آءِ جو احتجاج افراتفري ۽ ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ آهي جيڪا انهن جي پراڻي عادت آهي، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هميشه اهي اهڙيون حرڪتون ڪندا آهن پر کين ناڪامي ملندي آهي. عمران کي سهولتون ڏنيون وڃن، هروڀرو ڊراما ڪيا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به صوبي جو آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري عدالتي حڪم جا پابند آهن، ڪي پي جي عوام ۾ رستا بند تي ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي، پي ٽي آءِ وارا ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندا، اهي ٻرندي تي تيل هارڻ چاهين ٿا. ڪي پي جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته آءِ جي ۽ صوبي جي چيف ايگزيڪٽو کي آمهون  سامهون آندو پيو وڃي. اسان عمران جي صحت واري معاملي تي ڳالهايون ٿا ته ماڻهن کي الائي ڇا ٿو ٿئي، چاهيون ٿا ته اسان کي ان سان ملايو وڃي.