| ڪي پي جو وڏو وزير دورن بدران دهشتگردي ختم ڪرائي: خواجا آصف |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ هائوس ٻاهران وزير دفاع خواجه آصف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ دهشتگردي سبب پيدا ٿيل صورتحال کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي، کيس ٻين صوبن جا دورا ڪرڻ بدران پنهنجي صوبي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃڻ گهرجي. هن کي پنهنجي صوبي جي عوام کي احساس ڏيارڻ گهرجي ته کين حقيقي قيادت حاصل آهي. وزيرِ دفاع چيو ته خيبر پختونخوا جو وزيرِ اعليٰ دهشتگردي ۾ شهيد ٿيندڙن جي جنازن ۾ شرڪت ڪري ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياري ته هو شهيدن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيو آهي. خواجه آصف خيبر پختونخوا جي وڏي وزير پاران ٻين صوبن جي دورن کي رنگ بازي قرار ڏيندي چيو ته سياسي ورڪر کي پنهنجو صوبو ڇڏي ٻين هنڌن تي صرف نمائش ڪرڻ نه گهرجي. پاڪستان تحريڪ انصاف دهشتگردي خلاف ڪو به واضح مؤقف موجود ناهي.