| ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي 9 مئي سانحي ۾ ملوث قرار: فارنزڪ رپورٽ تيار |
پشاور (م ڊ) پنجاب فرانزڪ سائنس ليبارٽري 9 مئي جي واقعن ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ڪامران بنگش، تيمور جھڳڙا ۽ عرفان سليم جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پنجاب فرانزڪ ليبارٽري پشاور پوليس جي درخواست تي 9 مئي جي واقعن سان لاڳاپيل وڊيوز ۽ آڊيو ويزوئل جو جائزو ورتو. رپورٽ موجب يو ايس بي ۾ موجود 16 وڊيوز جو تجزيو ڪيو ويو، جنهن دوران ڪيترين ئي وڊيوز ۾ ڪنهن به قسم جي ايڊيٽنگ جا ثبوت نه مليا، ڪجهه وڊيوز ۾ ماڻهن ۽ ٽيڪسٽ جي واڌ جي نشاندهي ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سهيل آفريدي ۽ عرفان سليم سان لاڳاپيل ٻن وڊيوز ۾ ڪلپس جوڙڻ جا ثبوت سامهون آيا، سهيل آفريدي جي پروفائل تصوير کي 9 مئي جي وڊيو سان ملائي ڏٺو ويو، جنهن مان معلوم ٿيو ته پروفائل تصوير ۽ وڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص ساڳيو ئي آهي. اهڙي ريت عرفان سليم جي پروفائل تصوير جي به وڊيوز ۾ موجود هجڻ جي تصديق ٿي وئي، ڪامران بنگش جي پروفائل تصوير ۽ وڊيو ۾ موجود شخص کي هڪ ئي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته تيمور جھگڙا جي پروفائل تصوير ۽ وڊيوز ۾ نظر ايندڙ شخص ۾ به هڪ جهڙائي ملي. رپورٽ موجب سڄو تجزيو رڳو ويزوئل مواد تائين محدود رکيو ويو ۽ رپورٽ جي تياري 19 ڊسمبر کان 23 ڊسمبر 2025 دوران مڪمل ڪئي وئي. واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ريڊيو پاڪستان حملي واري ڪيس ۾ پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، جنهن بعد پوليس وڊيوز جي تجزيي لاءِ مواد پنجاب فرانزڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليو ويو هو. ان رپورٽ سان پشاور ۾ 9 مئي واقعن جي وڊيوز جي تصديق جو مرحلو مڪمل ٿي ويو. پنجاب فرانزڪ سائنس ليبارٽري ويڊيوز جي رپورٽ پشاور جي شرقي ٿاڻي ڏانهن اماڻي ڇڏي. وزيراعليٰ سهيل آفريدي ۽ عرفان سليم جي ٻن وڊيوز ۾ ڪلپس جوڙڻ جون شاهديون به سامهون آيون.