| ڪي پي جي وڏي وزير سنڌ ۾ 9 مئي ڪرڻ ٿي چاهي: شرجيل ميمڻ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي ۽ ترقياتي رٿائن سان لاڳاپيل ڪيترن اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا اين اي ڊي يونيورسٽي جي گرلز هاسٽل جي ٻي منزل جي تعمير لاءِ 190 ملين رپين جي اي ڊي پي اسڪيم منظور ڪئي، جڏهن ته ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ سکر ۾ سينٽ سيور چرچ ۽ حيدرآباد ۾ سينٽ ٿامس ڪيٿڊرل چرچ جي بحالي لاءِ 109 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪالھ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي سنڌ جي دوري ۽ سندس سنڌ تي کيس مڪمل سيڪيورٽي ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ان کان اڳ هڪ ٿريٽ الرٽ مليو ٿيو هو، پر ان کي عوامي سطح تي ظاهر نه ڪيو ويو ته جيئن ڪو ان صورتحال جو فائدو نه وٺي.هن چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير کي چيو ويو هو ته ڪجهه حساس علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اتي سيڪيورٽي خدشا موجود آهن، پر ان جي باوجود شام جي وقت اهي ضلعي ڏکڻ ۾ نظر آيو، کيس روڪيو ويو، پر ڪي پي جي وڏي وزير هدايت تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به وي آءِ پي موومينٽ لاءِ سيڪيورٽي پلان جي پابندي ضروري آهي، خاص طور تي جڏهن ٿريٽ الرٽ موجود هجي، ۽ بنا ڪنھن پلان جي رستن کي تبديل ڪرڻ سان خطرا وڌي وڃن ٿا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد پهچڻ شرط ئي سنڌ حڪومت تي تنقيد ۽ الزام لڳڻ شروع ٿي ويا، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته مڪمل عزت، سهولت ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. جيڪڏهن ڪي پي جو سي ايم ڪجهه دير ٽريفڪ ۾ بيٺل رھيو ته ان مان حڪومت سنڌ کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟. جيڪڏهن سنڌ حڪومت جو رويو پڻ پي ٽي آءِ جهڙو هجي ها ته نه استقبال ٿئي ھا ۽ نه سهولتون ملن ھا. هن چيو ته حڪومت سنڌ ڪڏهن به جلسو روڪڻ جي ڳالهه نه ڪئي جناح گرائونڊ ۽ مزار قائد جي چوڌاري علائقو هڪ ٽرسٽ جي انتظام هيٺ آهي جيڪو وفاق جي ماتحت آھي، انهي ڪري تحريري اجازت ۾ ڪجهه وقت لڳندو آھي. ان جي باوجود زباني اجازت ڏني وئي هئي، پر بعد ۾ پي ٽي آءِ قيادت چيو ته اهي گرائونڊ جي اندر نه پر ٻاهر جلسو ڪندا، جنهن جي اجازت ممڪن نه هئي. پي ٽي آءِ پاران پوليس تي پٿر اڇلايا ويا، صحافين خاص طور تي عورت صحافين تي تشدد ڪيو ويو ۽ نو مئي جهڙن واقعن کي ٻيهر ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ حڪومت صبر ۽ تحمل سان ڪم ڪيو ۽ ڪو به ڪيس داخل نھ ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جي ذهن ۾ ڪا بدنيتي هجي ها ته گرفتاريون پڻ ٿي سگهن پيون ۽ سخت ڪارروائي به ممڪن هئي، پر صبر اختيار ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست ڏڦيڙ تي ٻڌل آهي،. هن واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ جي وڏي وزير کي هن انداز ۾ استقبال ڪرڻ جو مطلب اهو نه آهي ته پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ مستقبل ۾ ڪنهن اتحاد جو امڪان آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست ڏڦيڙ تي ٻڌل آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سياست پرامن، جمهوري ۽ آئيني آهي، پر ان جي باوجود جيئن ڪي پي جو وڏو وزير اسان جي صوبي جا مهمان ھو ، انهي ڪري اخلاقي فرض تحت انهن کي سهولتون ۽ سيڪيورٽي ڏني وئي.