| ڪي پي جي گرلز ڪاليجن ۾ موسيقي، رقص، ماڊلنگ، وڊيو شيئرنگ تي پابندي |
پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه ۾ گرلز ڪاليجن ۾ موسيقي، رقص، ماڊلنگ ۽ ان نوعيت جي ٻين سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف هائير ايجوڪيشن ڪميشن پشاور سميت صوبي جي ٻين گرلز ڪاليجن جي پرنسپلز کي تقريبن جي حوالي سان خط لکيو آهي، جنهن ۾ گرلز ڪاليجن ۾ آجياڻو، فيئر ويل پارٽي، اسپورٽس گالا ۽ ثقافتي پروگرامن بابت اڳواٽ اجازت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. تقريب کان اڳ ڊائريڪٽر يا ريجنل ڊائريڪٽر هائير ايجوڪيشن کان اجازت وٺڻ ۽ مهمانن جي فهرست جمع ڪرائڻ ضروري هوندو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪاليج جي وقت ۽ تقريبن دوران شاگردياڻين جي موبائل فون استعمال تي سخت پابندي هوندي، تقريبن ۾ شرڪت لاءِ شاگردياڻين کي ڪاليج يونيفارم پائڻو پوندو سخت سيڪيورٽي ۽ نگراني جي انتظام هوندا. تقريبن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر تي ڪرڻ پابندي هوندي، سموريون تقريبون سماجي ۽ ثقافتي قدرن موجب منعقد ڪيون وينديون ۽ ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي.