ڪي پي حڪومت افغانين کي نه پئي ڪڍي، ائين نه هلندو: محسن نقوي

  ڪي پي حڪومت افغانين کي نه پئي ڪڍي، ائين نه هلندو: محسن نقوي

لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي افغان اسان جا مهمان هئا، پر هاڻي ناهن رهيا، افغان شهرين کان درخواست آهي ته هو پاڻ عزت سان واپس هليا وڃن، سڄي ملڪ مان افغان باشندن کي هر صورت واپس موڪليو ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جن ماڻهن ايف سي تي حملو ڪيو، اهي ٽئي افغاني نڪتا، اسلام آباد ڪورٽ ۾ حملو ڪندڙ به افغان شهري هو، ملڪ ۾ جيترا به حملا ٿي رهيا آهن، انهن ۾ افغان ملوث آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ مان غير قانوني افغان شهرين جي نيڪالي جاري آهي، ڪنهن افغاني کي موڪليو ويو ۽ هو واپس آيو ته پوءِ کيس گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، خيبر پختونخوا ۾ افغان ڪئمپون ختم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي واضح طور تي ڄاڻ آهي ته دهشتگردي جي پٺيان ڪير آهي ۽ ڪير ڪرائي رهيو آهي، افغان طالبان حڪومت دهشتگردن کي لغام ڏئي. هن چيو ته ٽن صوبن مان غير قانوني افغان شهرين کي ڪڍيو پيو وڃي، پر خيبر پختونخوا ۾ کين تحفظ ملي رهيو آهي، سياست ڀلي ڪريو، پر جتي قومي سلامتي جي ڳالهه اچي ٿي، اتي ڪو به صوبو پنهنجي پاليسي ٺاهي نٿو هلي سگهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته قومي سلامتي واري معاملي تي جيڪو دل ۾ اچي اهو ڪيو وڃي، ائين نه هلندو ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏينداسين. گهرو وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي 90 سيڪڙو خبرون غلط هلن ٿيون، ائين نٿو ٿي سگهي ته جيڪو دل ۾ اچي اهو سوشل ميڊيا تي هلايو وڃي، سوشل ميڊيا تي غلط خبر تي ڪريڪ ڊائون ٿيندو. محسن نقوي چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي تذليل جي اجازت نه ڏينداسين، ڪو لنڊن ۾ ويهي بڪواس ڪري رهيو آهي ته ادارن ۾ فلاڻو مسئلو هلي رهيو آهي، جيڪڏهن توهان وٽ ثبوت آهن ته سامهون آڻيو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ٻاهر ويٺل آهن، کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان واپس اچي رهيا آهيو، تمام جلد توهان کي هتي آڻينداسين ۽ سڀني ڳالهين جو جواب ڏيڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته آئين ۾ هڪ شيءِ ٿي آهي، هڪ نئون ادارو بڻجي رهيو آهي، هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ڪم ناهي ٿيندو، سسٽم ٺهڻ ۾ وقت لڳندو آهي، ائين ناهي ته بس بٽڻ دٻايو ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪم ٿي وڃي.