| ڪي پي حڪومت کي مڪاني چونڊن بابت قانونسازي لاءِ 3 هفتا مهلت |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبر پختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن، خيبر پختونخوا حڪومت کي قانونسازي لاءِ وڌيڪ ٽن هفتن جو وقت ڏئي ڇڏيو. ميمبر بلوچستان ريمارڪس ڏنا ته صوبي ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ دير وارا حربا استعمال ڪيا ويا ته وڏي وزير کي طلب ڪنداسين. ڪيس جي ٻڌڻي ميمبر سنڌ نثار دراني جي سربراهيءَ ۾ چار رڪني بينچ ڪئي. اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بينچ کي ٻڌايو ته خيبر پختونخوا ۾ شروعات کان ئي تڪبنديون تعطل جو شڪار آهن. صوبائي حڪومت سڄي صوبي ۾ بلدياتي چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ چاهي ٿي. اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا حڪومت کي قانونسازي لاءِ وڌيڪ ٽن هفتن جو وقت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.