اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪي پي حڪومت ۽ وفاقي سرڪار ۾ نيٺ رابطا بحال ٿي ويا، وڏو وزير علي امين گنڊا پوري ملاقات لاءِ وزيراعظم شهباز شريف وٽ پهچي ويو
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ٺهڻ بعد ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پوري وزيراعظم شهباز شريف سان پهرين ملاقات ڪئي اها ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا
ذريعن موجب ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوبي جون رهتون ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير علي امين گنڊا پوري جا سمورا مطالبا مڃي ورتا، ملاقات دوران ڪي پي جون رهتون ادا ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي وئي
ملاقات بعد ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم سان هاڪاري ماحول ۾ ملاقات ٿي، اسان اهي مطالبا ڪنداسين، جيڪي ممڪن هجن، وزيراعظم آڏو پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو معاملو به اٿاريو
هن چيو ته وزيراعظم پاران خاطري ڪرائي وئي ته ڪي پي ۾ وڏي وزير کي مرضيءَ جي ٽيم ملندي، پشاور ۾ وزيراعظم جي آجيان نه ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته وزيراعظم جي آمد وقت پشاور ۾ موجود نه هئس
ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته ڪي پي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪو ويندو، ملاقات جو خلاصو هِي آهي ته سياست پنهنجِي پنهنجِي، پر رياست سڀني کي پياري آهي