| ڪي پي ٽي ٽرمينلز تي اسٽوريج چارجز ۾ 25 کان 50 سيڪڙو لاٿ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بحري معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري برآمد ڪندڙن لاءِ اهم رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي ڪي پي ٽي ٽرمينلز تي اسٽوريج چارجز ۾ 25 کان 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير جنيد انور چوڌري موجب نار ملڪن ڏانهن ويندڙ دير سان موڪليل شپمنٽن تي خاص رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته بندرگاهن تي ڦاٿل ڪنٽينرن ۽ ڪارگو تي به هن رليف جو اطلاق ٿيندو، جيئن برآمد ڪندڙن تي مالي دٻاءُ گهٽجي سگهي ۽ برآمدات کي سهارو ملي سگهي. هن چيو ته لاجسٽڪ مسئلن جي خاتمي ۽ ڪارگو ڪليئرنس جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم جاري آهن۔ ڪي جي ٽي ايل تي پهرين کان 20 مارچ تائين 50 سيڪڙو اسٽوريج چارجز معاف رهندا، ڪي آءِ سي ٽي تي پهرين کان 10 مارچ تائين 50 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته ايس اي پي ٽي تي 11 کان 31 مارچ تائين 25 سيڪڙو گهٽتائي لاڳو ٿيندي.