ڪي پي ۽ پنجاب ۾ طوفاني وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، 34 ڄڻا فوت: فوج امدادي سرگرمين ۾ مصروف

جُون 11, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ طوفان وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 34 ڄڻا فوت، 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

خيبرپختونخوا ۾ طوفاني برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ فوت ٿيلن جو انگ 29 ٿي ويو آهي، پي ڊي ايم اي پاران برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾125 ڄڻا زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي

بنون ۾ برسات دوران ڀِتيون ۽ ڇِتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا، لڪي مروت ۾ ڇِتيون ڪرڻ سبب 5 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، ڊيرا اسماعيل خان ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا

پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڪِرڪ، لڪي مروت ۽ بنون برسات ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا، برسات متاثر علائقن ۾ ريسڪيو سرگرمين لاءِ 4 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، برسات متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون ٽيمون به ريسڪيو سرگرمين ۾ رُڌل آهن

پنجاب جي علائقي نورپور ٿل ۾ برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، گوجرانوالا ۾ حادثن سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فيصل آباد ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو، ميانوالي ۾ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، سرگوڌا ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، ڪوٽ حسن ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا

Leave A Comment