| ڪي پي ۾ آپريشن، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد سربراهه سميت 23 خارجي مارجي ويا |
پشاور(م ڊ) ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن 2 ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي سربراهه سميت 23 خارجي مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، 15 ۽ 16 نومبر تي سيڪيورٽي فورسز ڪلاچي ۽ دته خيل وارن علائقن ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا، دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، هڪ ڪارروائي ۾ 10 ۽ ٻي ڪارروائي ۾ 5 خارجي ماريا ويا، ڪلاچي ۾ آپريشن دوران مارجي ويل خارجي دهشتگردن جو سربراهه عالم محسود به شامل آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.