| ڪي پي ۾ جهنگ ۾ پيل سيرو کائڻ سبب 3 ڄڻا فوت |
ڊيره اسماعيل خان (م ڊ) ڊيره اسماعيل خان ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار سيرو کائڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب اهو واقعو ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي درازنده ۾ پيش آيو جتي سيرو کائڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب متاثر خاندان جابلو علائقي ۾ مزدوري ڪندو هو جتي انهن جهنگ ۾ رکيل سيرو کاڌو ته سندن حالت خراب ٿي وئي. پوليس موجب واقعي جي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي معاملي جي ٻين رخن کان به جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب 2 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽيون نوجوان اسپتال منتقل ڪندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل ماڻهن جو تعلق حاجي جمال خان ڪرميزئي خاندان سان آهي. اسپال ذريعن موجب مقتولن جي سڃاڻپ شيران خان، فتح محمد ۽ نور محمد جي نالن سان ٿي آهي. لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ مفتي محمود اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او درازنده موجب پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.