| ڪي پي ۾ دهشتگردن جا ٻه ڌماڪا، ٻارن سميت 7 ڄڻا شهيد |
بنون (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي صوبي جي ضلعي بنون جي قبائلي علائقي برغتو ۾ دهشتگردن طرفان هڪ ٻئي پٺيان 2 بم ڌماڪا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب بنون جي نيم قبائلي علائقي برغتو ۾ احمدزئي ٿاڻي جي حدن ۾ دهشتگردن روڊ ڪناري لڳل بارودي مواد جو ڌماڪو ڪيو جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سول آبادي کي نشانو بنايو ويو. ڊي پي او بنون ياسر آفريدي ٻڌايو ته پهريون ڌماڪو روڊ ڪناري انهي وقت ٿيو جڏهن اتان کان مسافرن سان ڀريل هڪ ڊاٽسن گذري رهي هئي، انهي گاڏي ۾ هاٿي خيل قبيلي جا ماڻهو سوار هئا. ڌماڪو ٿيو ته ڀرپاسي جا ماڻهو ۽ امدادي ٽيمون پهتيون ته امدادي سرگرمين دوران ئي اتي ٻيو زوردار ڌماڪو ڪيو ويو. جنهن سان جاني نقصان ۾ اضافو ٿيو. حملي جي نتيجي ۾ هاٿي خيل قبيلي جا ماڻهو نشانو بنيا. ڌماڪن جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل 7 ڄڻن جي لاشن کي آر ايچ سي منتقل ڪيو ويو جتي 3 وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊي پي او ياسر آفريدي ٻڌايو ته زخمي ماڻهن ۾ معصوم ٻار به شامل آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. روڊ ڪناري لڳايل انهي اي آءِ ڊي ڌماڪي جو نشانو ظاهري طور تي سرڪاري اختياريون هيون. ڌماڪي ۾ مختيارڪار سب ڊويزن وزير عابدالله جي سرڪاري گاڏي کي به سخت نقصان پهتو خوشقسمتي سان عابدالله محفوظ رهيو واقعي جو اطلاع ملندي ئي پاڪ فوج ۽ پوليس جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهتي، سيڪيورٽي اداري سموري برغتو ۽ احمدزئي جي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سيل ڪري ڇڏيو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ حساس ادارن واقعي واري هنڌان بارودي مواد جون شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن جڏهن ته ملوث دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ هڪ وڏي پيماني تي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.