ڪي پي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، 6 خارجي مارجي ويا

ڪي پي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، 6 خارجي مارجي ويا

پشاور (م ڊ) لوئر دير جي علائقي برچڙني تالاش ۾ پوليس ۽ خوارج جي وچ ۾ چڪرين جي دوران 6 دهشتگرد  مارجي ويا. اطلاع تي ضلع دير جي جابلو علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي دهشتگردن پوليس تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس طرفان حق حفاظت خود اختياري ۽ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ جوابي ڪارروائي وئي جيڪا ڪافي وقت تائين جاري رهي. فائرنگ رڪجڻ کان پوءِ سرچ آپريشن جي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن ۾ خليل الرحمان عرف صدام، نجم الدين عرف ابودجانه ۽ ڪفايت الله شامل آهن. جڏهن ته ٻين دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. دهشتگردن جي قبضي مان 6 عدد ڪلاشنڪوف، 3 عدد هينڊ گرينيڊز ۽ ڪيترائي ڪارتوس هٿ آيا، مذڪوره دهشتگرد دهشتگردي جي انت واري اداري کي ڪيترن ئي ڪيسز ۾ گهربل هئا.