ڪي پي ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد اهلڪارن جو انگ 10 ٿي ويو

ڪي پي ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد اهلڪارن جو انگ 10 ٿي ويو

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو جي خزينه بانڊهه چوڪي تي فتنته الخوارج جي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 10 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 28 اهلڪار زخمي ٿي پيا. چوڪي ۾ موجود جوانن جي مدد لاءِ ايس ڊي پي او سٽي جي سربراهي ۾ فوري طور تي اضافي نفري رواني ڪئي وئي. رستي ۾ دهشتگرد اڳ ئي حملي لاءِ ويٺل هئا جن  نفري کي نشانو بنايو. انهي شديد حملي جي نتيجي ۾ اڳيان هلندڙ بڪتر بند گاڏي کي سخت نقصان پهتو. شهيد ڊي ايس پي سٽي ديار خان سميت 10 پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز کان پوءِ سڀني اهلڪارن جا لاش انهن جي آبائي علائقن ڏانهن موڪليا ويا.