ڪي پي ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ، گهوٽ قتل، 2 ڄاڃي زخمي

ڪي پي ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ، گهوٽ قتل، 2 ڄاڃي زخمي

خيبر (م ڊ) خيبر ضلعي جي جمرود تعلقي جي علائقي سور ڪمر ۾ شادي تقريب دوران هوائي فائرنگ ۾ گهوٽ مارجي ويو. شادي جي خوشي ان وقت ماتم ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن هوائي فائرنگ ۾ گهوٽ مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. شادي جي تقريب ۾ روايتي هوائي فائرنگ جاري هئي ته ان دوران فائر ڪيل هڪ گولي گهوٽ اسد کي لڳي، جنهن ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو. فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو.