ڪي پي ۾ عمران کي وڏو ڌچڪو: پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز ٺاهي ڇڏي

جُولاءِ 17, 2023

پشاور (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو قلعو خيبر پختونخوا ڊهڻ لڳو، پرويز خٽڪ پنهنجي نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف مان نيڪالي بعد اڳوڻي وفاقي وزير پرويز خٽڪ پنهنجي نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو

پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز جي نالي سان پارٽي ٺاهي آهي، اڳوڻو وزيراعليٰ ڪي پي محمود خان، شوڪت علي ۽ ٻيا اڳواڻ به سياسي پارٽي ۾ شامل آهي

ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي 57 اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن پاران پرويز خٽڪ جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، پرويز خٽڪ هم خيال اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪيو هو

پرويز خٽڪ جي پارٽي پي ٽي آءِ لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، پي ٽي آءِ جو قلعو خيبر پختونخوا ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي

پرويز خٽڪ چيو ته 9مئي واقعن جي ڪري اڳواڻ پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي وجود سان ئي اسان جو وجود آهي، ڪي پي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو مڪمل خاتمو ٿي ويو آهي

Leave A Comment