| ڪي پي ۾ فوجي آپريشن رد ڪريون ٿا، بندوق جي زور تي ڪارروائي ٿي ته عوام سان گڏ هوندس: سهيل آفريدي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار جي انتظامن هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ وڪيل تحريڪ جي اعلان جو اشارو ڏيندي چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ نوجوان وڪيل اسان سان گڏ بيٺل آهن. ڪي پي ۾ ممڪن ملٽري آپريشن کي رد ڪريون ٿا، زبردستي ۽ بدمعاشي سان ٿيندڙ آپريشن خلاف مان پنهنجي عوام جي حفاظت ڪندس. ان موقعي تي مزاحمت ڪندڙ وڪيلن ۽ صحافين جو به هن شڪريو ادا ڪيو. پاڪستان جي بقا جمهوريت ۾ آهي جي عنوان هيٺ ڊسٽرڪٽ بار ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. سهيل آفريدي بار کي خطاب ڪندي چيو ته مزاحمت جي علامت بڻجڻ تي ايمان مزاري، بابر اعواڻ ۽ آءِ ايل ايف جا شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن عورت وڪيلن ۽ ڪارڪنن جي مزاحمت کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن صحافين خلاف ڪاررواين، ارشد شريف جي قتل ۽ معيد پيرزادا تي حملي جي مذمت ڪئي. سهيل آفريدي چيو ته باني پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ اُن سان ٿيندڙ ظلم سڄي دنيا ڏٺو آهي. باني پي ٽي آءِ سان ملاقات متعلق ٽن ججن جا فيصلا هڪ جيل سپرنٽنڊنٽ نٿو مڃي. پاڪستان جي مضبوط ترين ليڊر کي زخمي حالت ۾ به لاهور کان اسلام آباد عدالتن ۾ پيشين لاءِ گهرايو وڃي ٿو، ٻئي پاسي هڪ اشتهاري جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو وڃي ٿو. هن 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن جي مخالفت ۽ باني پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعليٰ ڪي پي خيبرپختونخوا ۾ امڪاني ملٽري آپريشن کي رد ڪندي چيو ته اسان سڀني مذهبي جماعتن کي گڏ ڪيو، سڀني گڏيل طور ملٽري آپريشن جي مخالفت ڪئي. بندوق جي زور تي آپريشن جي تياري بدمعاشي آهي، جنهن خلاف مان پنهنجي عوام جي حفاظت ڪندس. پاڪستان تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي. آئين جي سربلندي لاءِ وڪيل ۽ عوام هر قرباني لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن اڄ اسان آئين جي سربلندي لاءِ نه بيٺاسين ته سڀاڻي اسان جا ٻار اسان کي معيارون ڏيندا. هن وڪيل تحريڪ جي اعلان جو اشارو ڏيندي چيو ته اسان جي سڏ تي نوجوان ۽ وڪيل اسان سان گڏ بيٺل هوندا.