| ڪي پي ۾ فورسز جو آپريشن، 20 خارجي دهشتگرد مارجي ويا |
اسلام آباد(م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين دوران فنته الخوارج جي 20 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب 8 ۽ 9 نومبر تي خيبرپختونخوا ۾ ٻه ڌار ڌار آپريشن ڪيا ويا، جنهن دوران ڀارتي اسپانسرڊ فتنه الخوارج جا ويهه دهشتگرد مارجي ويا. اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ دهشگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. فتنه الخوارج جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، جنهن ۾ ڀارتي نواز 8 دهشتگرد ماريا ويا. ٻيو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دره آدم خيل واري علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ فتنه الخوارج جا وڌيڪ 12 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشنز جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم جاري رهندي، ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.