ڪي پي ۾ پهريون ڀيرو اقليتي عورت اميدوار اليڪشن وڙهندي
جنوري 2, 2024
بونير (م ڊ) بونير مان پهريون ڀيرو اقليتي عورت اليڪشن ۾ بيٺي آهي، جنهن جو ارادو آهي ته اليڪشن کٽي وٺنديس. ڪي پي جي صوبائي تڪ ڪي پي 25 بونير تان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي سويرا پرڪاش چونڊ وڙهي رهي آهي. ڊاڪٽر سويرا پرڪاش قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر، ڊاڪٽر سويرا پرڪاش سي ايس ايس جي تياري پڻ ڪري رهي آهي. ايبٽ آباد انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن ڪندڙ ڊاڪٽر سويرا پرڪاش بونير ۾ پيپلزپارٽي جي عورت ونگ ۾ جنگر سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر آهي ۽ سندس پيءُ به پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق رکي ٿو. بونير ۾ پهرين اقليتي عورت آهي جنهن عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر سويرا پرڪاش چيو آهي ته هو پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي تڪ جي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي. سندس ترجيحن ۾ پوئتي پيل علائقن ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ موسمي تبديلي پڻ شامل آهي. سندس چوڻ آهي ته هوءَ محترمه بينظير ڀٽو شهيد مان گھڻي متاثر آهي.