ڪُرم ۾ امن لاءِ کنيل وِک نيٺ ڪامياب، مورچا ختم، جنگبندي، هٿيار جمع، رستا کُلندا: قبائلين امن معاهدي تي صحيون ڪري ڇڏيون
جنوري 2, 2025
ڪوهاٽ / پشاور (م ڊ) ڪرم جي معاملي تي ڪوهاٽ گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين امن معاهدي تي صحيون ڪري ڇڏيون. ڪوهاٽ ۾ ڪرم ضلعي جي صورتحال تي جاري گرينڊ جرڳو ختم ٿي ويو ۽ ڌرين امن معاهدي تي صحيون ڪري ڇڏيون. جرڳي جي رڪن ملڪ ثواب خان تصديق ڪئي ته امن معاهدي تي صحيون ٿي ويون آهن، ڌرين طرفان 45-45 ماڻهن صحيون ڪيون آهن، ڌريون 14 نڪتن تي ٻڌل معاهدي تي متفق ٿي ويون آهن، معاهدي تحت ڌرين ۾ سيزفائر جو فيصلو ٿيو آهي، ڌريون مورچا ختم ۽ هٿيار جمع ڪرائينديون. هن چيو ته رستا کولڻ ۽ امن جي قيام لاءِ منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي حڪومت حوالي ڪيو ويندو، امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو. معاهدي تحت نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو ۽ وڏا هٿيار حڪومتي تحويل ۾ ڏنا ويندا، ڌرين ۾ امن معاهدي جو مسودو سامهون اچي ويو، جنهن تحت مري معاهدو 2008 برقرار رهندو، نقطن ۾ چيل آهي ته ضلعي ڪرم جي بيدخل خاندانن کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ آباد ڪيو ويندو، حڪومت سرڪاري روڊن تي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي، روڊن جي حفاظت لاءِ اپيڪس ڪميٽي جي فيصلن کي عملي جامو پارايو ويندو، ڪنهن به شرپسند کي پناهه ڏيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل شخص کي ڏوهاري تصور سمجهيو ويندو. ڪرم ضلعي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪير به جيڪڏهن پاڻ ۾ وڙهي پوي ٿو ته ان کي مذهبي رنگ نه ڏنو ويندو. پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪم ڪرڻ ۽ آفيسون کولڻ مٿان پابندي هوندي، آمدرفت جي سمورن رستن تي ڪا به رڪاوٽ نه هوندي، جن علائقن مان بجلي، ٽيليفون يا ڪيبل آندا ويا يا وڌيڪ گذاريا ويندا، انهن مٿان ڪا به بندش نه هوندي، جيڪڏهن نون روڊن جي ضرورت پئي ۽ ڪا رنڊڪ پيش آئي ته ڌريون مڪمل تعاون ڪنديون. هوڏانهن خيبر پختونخواهه حڪومت جي صلاحڪار بيرسٽر سيف ڪرم امن معاهدي تي صحيحن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان ضلعي ۾ امن ۽ خوشحالي جو نئون سفر شروع ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر سيف چيو ته ٻنهي ڌرين طرفان معاهدي تي صحيون ٿي ويون آهن، هڪ ڌر طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ صحيون ٿيون هيون، جڏهن ته ٻي ڌر اڄ صحيون ڪيون آهن. هن چيو ته ٻئي ڌريون بنڪرز جي مسماري ۽ ڳرن هٿيارن جي حوالگي تي متفق ٿي ويون آهن، معاهدي تي ڪرم واسين کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته امن معاهدي سان ڪرم ۾ خوشحالي جو نئون دور شروع ٿيندو ۽ زندگي معمول تي اچي ويندي، زميني رستن تي هفتي ۾ ڪانواءِ هلندي، ٻئي طرف وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته ڪرم ضلعي جي مسئلي جي پرامن حل لاءِ صوبائي حڪومت جي ڪوششن رنگ لاتو، اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن جي آجيان ڪريان ٿو، سمورن شرڪت ڪندڙن کي مبارڪون هجن. وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته ڌرين ۾ معاهدو طئي ٿي ويو، ڪرم جي زميني رستو کلڻ جي راهموار ٿي وئي، معاهدو ڌرين وچ ۾ نفرت ڦهلائيندڙ عنصرن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته علائقي جا ماڻهو امن پسند آهن. نفرتون ڦهلائيندڙن کي رد ڪيو وڃي. پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪيو وڃي، ڪيترائي ئي مسئلا ۽ تڪرار هجن ڳالهين سان ئي حل ٿيندا آهن، تشدد هميشه تشدد کي جنم ڏيندو آهي جيڪو نه ڌرين نه علائقي ۽ نه ئي حڪومت جي مفاد م آهي، پشتون ريتن رسمن موجب وڏي کان وڏا مسئلا جرڳي ذعري حل ٿي ويندا آهن.