| “ڪُڪڙ کي ڪاڻو ڇو چيئي” جيڪب آباد ۾ جھيڙو، 13 ڄڻا رتورت |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد علي بهار لاڙي وٽ ڪُڪڙ کي ڪاڻو چوڻ تي جتوئي ۽ ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ڌرين هڪٻئي مٿان لٺين ڏنڊن ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب ککراڻي ڌر جا 6 ڄڻا انور علي، جڙيل ککراڻي، محمد صلاح، منير ککراڻي، شمن علي ۽ زاهد ککراڻي زخمي ٿي پيا جڏهن ته جتوئي ڌر جا 7 ڄڻا منير احمد، راشد علي، ساجد جتوئي، رحيم بخش، نديم، منظور احمد ۽ احمد خان جتوئي زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتوئي ڌر جي ماڻهن الزام لڳائيندي چيو ته ککراڻي ڌر جي ماڻهن اسان جي ڪُڪڙ کي ڪاڻو چيو آهي جنهن معاملي تي جهيڙو ٿي پيو آهي، جڏهن ته ککراڻي ڌر جي ماڻهن الزام لڳائيندي چيو ته جتوئي ڌر جا ماڻهو هوٽل تي اچي مفت ۾ چانهه پي ويندا آهن چانهه جا پئسا گهرڻ تي حملو ڪيو ويو آهي. ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته ککراڻي ڌر جي ماڻهن ڪُڪڙ کي ڪاڻو چيو جنهن تي جهيڙو ٿي پيو آهي.