“ڪٽر ڪراچي” ڊائريڪٽر پاران صدر زرداري تي فلم ٺاهڻ جي آڇ

“ڪٽر ڪراچي” ڊائريڪٽر پاران صدر زرداري تي فلم ٺاهڻ جي آڇ

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) هيل لڪس اسٽائل ايوارڊز ۾آڊيئنس چوائس ايوارڊ کٽيندڙ فلم  ‘ڪٽر ڪراچي’ ڊائريڪٽر عبدالولي بلوچ چيو آهي ته هو صدر آصف علي زرداري تي فلم ٺاهڻ چاهي ٿو. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته هن پاڪستان ۾ صدر زرداري جهڙي شخصيت نه ڏٺي آهي، هو چاهي ٿو ته صدر زرداري تي فلم ٺاهي.  فلم ۾ صدر زرداري جو ڪردار ڪير ڪندو ؟ واري سوال تي  هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته هن ڪردار ۾ ڪير سٺو لڳندو ، شايد شبير جان مشابهت ڪري اهو ڪردار ڪري سگهي ٿو. عبدالولي بلوچ وڌيڪ چيو ته شبير جان هڪ سٺو فنڪار آهي،  هي ڪردار سٺي نموني سان ادا ڪري سگهي ٿو، صدر زرداري جي ڪردار لاءِ ڪنهن کي ڊگهي ڳولا کانپوءِ چونڊڻو پوندو،