ڪپتاني جي ڏکي دور مان گذري رهيو آهيان: بين اسٽوڪس

ڪپتاني جي ڏکي دور مان گذري رهيو آهيان: بين اسٽوڪس

لنڊن: پيدا ٿيل صورتحال کي پنهنجي ڪپتانيءَ جو ”ڏکيو ترين دور“ قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي مداحن جي نالي هڪ کليل خط ۾ هن هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي جي مڪمل حمايت جو اعلان پڻ ڪيو.انسٽاگرام تي لکيل پنهنجي خط ۾ اسٽوڪس چيو ته”انگلينڊ جي ڪپتاني هڪ وڏو اعزاز آهي جنهن کي مان معمولي نه ٿو سمجهان، گذريل ٽي مهينا منهنجي ڪپتاني واري سفر دوران ڏکيا رهيا آهن، جنهن مون کي ڪيئي طريقن سان آزمايو آهي، اسان غلطيون ڪيون آهن ۽ انهن مان گهڻو ڪجهه سکيو به آهي.“ اسٽوڪس پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته”مان ڪرڪيٽ سان محبت ڪريان ٿو، مون کي هن ٽيم سان پيار آهي ۽ انگلينڊ جو ڪپتان هئڻ تي فخر اٿم، مون وٽ هن ڪردار لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ آهي ۽ مان خوش آهيان ته مان ميڪلم ۽ راب ڪي سان گڏجي ڪم جاري رکندس.“