ڪپتان سوريه يادو ميسيج ڪندو هو: خوشي مکرجي 

ڪپتان سوريه يادو ميسيج ڪندو هو: خوشي مکرجي 

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ريئلٽي شو ايم ٽي وي اسپلٽس ولا ذريعي شهرت ماڻيندڙ بالي ووڊ جي پوپري خوشي مکرجي ڀارتي جي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريه ڪمار يادو بابت حيران ڪندڙ دعويٰ ڪئي آهي. تازي تقريب ۾ خوشي مکرجي چيو ته سوريه يادو اڳ ۾ کيس پيغام موڪليندو هو پر هاڻي اهي هڪٻئي سان نه ڳالهائيندا آهن. خوشي مکرجي چيو ته منهنجي پويان ڪيترائي ڪرڪيٽر آهن، سوريه يادو پڻ انهن مان هڪ آهي، هو مون کي گهڻا پيغام ڏيندو هو پر هاڻي اسان گهڻو ڳالهائيندا ناهيون. آئون ڪنهن به ڪرڪيٽر سان ڊيٽ ڪرڻ نٿي چاهيان،  هوڏانهن سوريه ڪمار يادو خوشي جي دعويٰ جو جواب نه ڏنو آهي، ياد رهي ته ڪپتان سوريه يادو 2016 ۾ ديويشا شيٽي سان شادي ڪئي هئي.