| ڪپتان عباس جي شاندار بيٽنگ: پاڪستان ڇهون ڀيرو هانگ ڪانگ سڪسز ڪپ کٽي ورتو |
هانگ ڪانگ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪويت کي شڪست ڏئي ڇهون ڀيرو هانگ ڪانگ سڪسز ڪپ کٽي ورتو آهي. فائنل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽڻ بعد پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهيون، ڪپتان عباس آفريدي 52 رنسن جي اننگز کيڏي، عبدالصمد 42 ۽ خواج نافع 22 رنسون ٺاهيون شاهد عزيز بنا ڪا رنز ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي و يو. جڏهن ته معاذ صداقت 10 ۽ محمد شهزاد 4 رنز سان ناٽ آئوٽ رهيا. ٽارگيٽ جي پويان ويندي ڪويت جي ٽيم آخري اوور جي پهرئين بال تي 92 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڪويت پاران ميت ڀائوسار 33 ۽ عدنان ادريس 30 رنز سان نمايان رهيا. پاڪستاني بالرن ۾ معاذ صداقت 3 ۽ محمد شهزاد، عباس آفيدي ۽ عبدالصمد هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. واضح رهي ته پاڪستان 6 ڀيرا اهو ٽائيٽل کٽي سڀني کان اڳتي آهي، جڏهن ته انگلينڊ 5 ٽائيٽل کٽيا آهن.